ٻنڀرو دڙو

ٻنڀرو دڙو: ٻڌڌرم جي دور جو هي دڙو نئين ديري- رتي ديري روڊ سان خانواھڻ بس اسٽاپ جي اولھه ۾ لٻاڻن جي ڳوٺ وٽ آهي. ھي دڙو وسيع ايراضيءَ ۾ ڦھليل آھي. مجمدار ھن دڙي جي کوٽائي به ڪئي. ھن کي ھن دڙي تان ڪجھه سڪا، مڻيا، زيورن جا ٽڪرا ۽ ٺڪراٺو لڌو. مشھور چيني سياح ھوتن شيانگ ٦٤٠ع ڌاري جڏھن ٻڌ ڌرم جا آثار ڏسڻ لاءِ سنڌ پھتو ته ھن ٻنڀرو دڙو به ڏٺو، جو ان وقت وڏي اوج وارو ٻوڌي شھر ھو .


لفظ ٻنڀرو دڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو